پوراني ميرڪ سيد تقي الدين محمد

پوراني، ميرڪ سيد تقي الدين محمد: سيد تقي الدين، محمد بن عبدالاول جو ٽيون نمبر فرزند هو. هن 17 ربيع الاول 1062هه/ 17 فيبروري 1652ع ۾ جنم ورتو. ان وقت ميرزا لعل بيگ مغل سرڪار پاران بکر جو فوجدار مقرر هو. سيد تقي الدين پنهنجي سڄي زندگي پرهيزگاريءَ ۽ عبادت الاهيءَ ۾ گذاري، وڏو زاهد شخص هو. پاڻ پنهنجي وڏن وانگر حد درجي جو سخي ۽ درياهه دل انسان هو. سندس درياهه دليءَ ۽ سخاوت جي ڪري ئي کيس ان دور ۾ ”حاتم آخر زمان“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. ميرڪ تقي الدين درويشيءَ ۽ بزرگيءَ سان گڏ، وقت جي وڏن اميرن ۽ وزيرن سان چڱي ڏيٺ ويٺ رکندڙ هو، سير ۽ سفر جو شوقين هو. سير ۽ سفر دوران ملتان ۾ به ويو، جتي شادي ڪيائين، هن بزرگ پهرين شوال 1135هه/ 24 جون 1723ع ۾ وفات ڪئي. ڪنهن شاعر سندس وفات تي هي قطعه تاريخ چئي:
چون تقي الدين محمد زين جهان رحلت نمود
حـق تـعـالـيٰ داد ويـرا جـاي در الـخـلــود
سال تاريخ وفاتش راهمي جستم ز عقل
”عقل گفتا فوت اورا يوم عيد فطربود“
1135 هه


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1652.02.17  عيسوي

سيد تقي الدين، محمد بن عبدالاول جو ٽيون نمبر فرزند هو. هن 17 ربيع الاول 1062هه/ 17 فيبروري 1652ع ۾ جنم ورتو.


1723.06.24  عيسوي

سيد تقي الدين پهرين شوال 1135هه/ 24 جون 1723ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بکر فقير شهيد
چانڊيو ڀرڪيو شاهاڻي
پير نعمت الله قريشي
سيد خيرالدين گيلاني
پيرل فقير ڦلپوٽو
ڀڳت سنگهه
استاد حيدري
امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي
آغا بدر الدين گهنيو
ڄام لاکو ڦلاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون